ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

حبيب الله صديقي ڊاڪٽر

حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر: مشھور تعليمدان، شاعر ۽ عالم، ڊاڪٽر حبيب الله ولد قاضي ڪريم بخش صديقي، 17 شوال 1355هه/ پھرين جنوري 1937ع تي جمعي جي ڏينھن، سنڌ جي تاريخي شھر پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم، سنڀاليندڙن جي سرڪاري نوڪريءَ سبب سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شھرن جھڙوڪ: ٿرڙي محبت، ٽنڊي رحيم خان، ٻڍاپور ۽ اڪڙي لڳ پٿوري ۽ پنھنجي ڳوٺ پاٽ ۾ حاصل ڪيائين، جتان 1953ع ۾ مئٽرڪ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. اُن بعد ٿرڙي محبت، سيتا روڊ ۽ پاٽ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو ۽ پاٽ ۾ خانگي ثانوي اسڪول قائم ٿيڻ بعد ان سان وابسته رهيو. ان دوران ٽي. ڊي، بي. اي ۽ بي. ٽي جا امتحان پاس ڪيائين ۽ پنھنجي ڳوٺ جي وليج ڪائونسل جو چيئرمئن ۽ تعلقي ۽ ضلعي ليول تي ٺاهيل ڪاميٽين جو ميمبر ۽ ائڊوائيزر ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾ آمريڪا مان آيل هڪ محقق ڊاڪٽر جان هونيمن سان سندس تحقيق Education and Career Specialization in a West Pakistan village of Renown ۾ خاص مددگار ٿي رهيو. 1962ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ۾ انگريزيءَ جي سينئر استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو ۽ مڊل اسڪول ڪَڪڙ، ضلعي دادو ۾ هيڊماستر مقرر ڪيو ويو، جتان ستت بدلي ڪري سپروائيزر پرائمري اسڪولز (A.D.I.S) ڪري سيوهڻ تعلقي ۾ رکيو ويو. حبيب الله صديقيءَ خانگي طور تي اعلي تعليم جاري رکندي، ايم. اي مسلم هسٽري (سيڪنڊ پوزيشن) ۽ ايم. ايڊ (فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن) پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ کان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1972ع ۾ سڌي ڀرتيءَ ذريعي سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر مقرر ٿيو، ان کان سواءِ پرنسپال ڪمپريھينسوِ هاءِ اسڪول خيرپورميرس ۽ پرنسپال ايليمنٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن دادو جي عھدن تي پڻ رهيو. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، سنڌ جي مايه ناز اداري سنڌي ادبي بورڊ جو مارچ 1988ع کان سيپٽمبر 1990ع تائين سيڪريٽري ٿي رهيو. فيبروري 1991ع ۾ سيڪنڊ پرائمري ايجوڪيشن پراجيڪٽ سنڌ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:(1) ’باب الاسلام سنڌ‘ باب الاسلام سنڌ'>تاريخ باب الاسلام سنڌ‘ (1996ع، ٻه ڇاپا)(2) (1987) Education in Sindh past and present(3) علامه آءِ. آءِ. قاضي (1989ع) (4) ’درياهه ۽ سامونڊي ڪنارن سان زندگي‘ (1981ع) (5) ’رچنائون‘ (1986ع) (6) ’وارداتون‘ (2007ع) (7) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو پھريون: 2007ع) (8) ’انسان جي تاريخ‘ (حصو ٻيو: 2008ع، انسان جي تاريخ جي مختلف بابن تي مھراڻ اڪيڊمي طرفان ڌار ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن.) (9) Pieces & Sugar Candy (1997) (مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’مصريءَ جون تڙون‘ جو ترجمو: 1997ع) (10) Education Problems of Pakistan with Special Reference of Sindh Province (2008) (سندس هن تحقيقي ڪتاب تي HEC پاران ٻه لک روپيا معاوضو ڏنو ويو) (11) ڪڙيون مٺيون ڳالهيون (2009ع) Son of the Desert (2010ع)، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سوانح تي لکيل سندس هن ڪتاب تي کيس بين الاقوامي مڃتا ملي آهي.) ان کانسواءِ تاريخباب الاسلام سنڌ‘ (ڀاڱو ٻيو) کان سواءِ ’ڊيولپمينٽ آف صوفي ازم اِن سنڌ‘، ’مارشل ٽريڊيشن اِن سنڌ’، ’پرائيويٽ پيپرس آف علامه آءِ. آءِ. قاضي‘ ۽ هڪ انشائيه بعنوان ’انسان ۽ زندگي‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. حبيب اڪيڊميءَ پاران پنھنجا ۽ ٻين ڪيترن اديبن جا ڪيترا ڪتاب ڇپايا. جن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: (1) ڪيئي ڪھاڻيون (2009ع)، (2) منظوم سوانح عمريون: شاهنواز ’مسافر‘ (2007ع)،. ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقي 22 آڪٽوبر 2022ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.01.01  عيسوي

مشھور تعليمدان، شاعر ۽ عالم، ڊاڪٽر حبيب الله ولد قاضي ڪريم بخش صديقي، 17 شوال 1355هه/ پھرين جنوري 1937ع تي جمعي جي ڏينھن، سنڌ جي تاريخي شھر پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو.


2022.10.22  عيسوي

ڊاڪٽر حبيب ﷲ صديقي 22 آڪٽوبر 2022ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شجاعت علي بکري
جيون گرساهاڻي
خواجه محمد سعيد
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
ڄام ڀرمل- I
ابڙو خدا بخش
شيخ محمد رضا
خواجه احمد عباس
راجن راهيجا
بودلو سميجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون